Breaking News

اَولَا کَڻي اُوءِ, پَڳَھَ ڇَوڙَي پَنڌِ ٿِئا

 اَولَا کَڻي اُوءِ, پَڳَھَ ڇَوڙَي پَنڌِ ٿِئا 


اَولَا کَڻي اُوءِ, پَڳَھَ ڇَوڙَي پَنڌِ ٿِئا

آيَل ! سَامُونڊيُن جي, آهَي اَڙَانگي جُوءِ

ڪَڏَهن ڏسَنديَس رُوءِ, وَري هن اَکيُن سين. 

سُرُ سَامُونڊي



:ڏکين لفظن جون معنائون 

اَولَا = ڏک, ڏنجهہ , تڪليفون, اذيتون

اُوءِ = اُهي

پَڳَھَ = ٻيڙي کي ٻڌڻ جا رسا

آيَل - امڙ, ماءُ, جيجل

اَڙانگي = ڏکي, مشڪل, اذيت ناڪ, خطرناڪ, ڪربناڪ

جُوءِ = جاءِ, تَرُ، پسگردائي

رُوءِ = صورت, شڪل, مھانڊو, رونق


:بيت جو پس منظر

~ وڏين تڪليفن پڄاڻان سامونڊي ٻيڙن جا رسا کولي پنھنجي منزل ڏانھن روانا ٿي ويا آهن.

~ او جيجل امان ! سامونڊين جو سفر ڏاڍو تڪليفن وارو آهي.

~ هي اکيون وري ڪڏهن کين ڏسي بہ سگهنديون الائي نہ. 


:سمجهاڻي

سمنڊ رستي واپار ڪندڙ وڻجارا مال جا ٻيڙا ڀرائي پرڏيھ روانا ٿي ويا آهن. 

هڪ وڻجاري جنھن جو وَرُ به هن قافلي سان روانو ٿي ويو آهي سا پنھنجي جيجل کي ڳل ڳراٽي پايو هنجون هاريندي پئي چئي تہ ؛ 

او امان هي پرڏيھ جو پنڌ ڏاڍو اذيت ناڪ ۽ ڪربناڪ آهي. ڪھڙي خبر هن حياتيءَ ۾ وري پنھنجي محبوب ور کي ڏسي سگهنديس بہ الائي نہ. 

سو اچو سوچئون تہ سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال هوندي بہ اسان جا ماڻهون ٻاهرين ملڪن ڏانھن ڪمائڻ لاءِ ڇو ٿا وڃن ؟

پنهنجي وطن ۾ سندن روزگار جو بندوبست ڪرڻ آخر ڪنھنجي ذميواري آهي


No comments