لاهِيان جَي نہ چِتان, اَلا ! اُنِ مَ وِسِران
لاهِيان جَي نہ چِتان, اَلا ! اُنِ مَ وِسِران
لاهِيان جَي نہ چِتان, اَلا ! اُنِ مَ وِسِران
مَڙهِئو مَنجَهاران, جِيءُ منھنجو جَنِ سِين.
سُرُ سامُونڊِي
:ڏکين لفظن جون معنائون
لاهِيان = وساريان, ڀلجي وڃان
چِتان = دل تان, مَنَ تان
اَلا ! = آھَ ۽ دانھن - جيڪا اندر مان, دل مان پيڙا جي اظهار طور نڪري ٿي
اُنِ = انهن کان، پرين کان
مَ = نہ
وِسِران = وسري وڃان, دل تان لھي وڃان
مَڙهِئو = ڳنڍيو, جڙيو, هٿيڪو, ڦاٿل, سلھاڙيل
مَنجَهاران = اندران ئي اندران, لڪل, ڳجهہ ڳوھ ۾
جِيءُ = روح, ساھ, مَنُ, دل
:بيت جو پس منظر
جيڪي منھنجي دل تان نٿا لھن, شال انهن کان ڪڏهن نہ وسري وڃان.
منھنجو مَنُ اندران ئي اندران انهن سان ڳنڍيل آهي.
:سمجهاڻي
ڪي ماڻهون ڪڏهن ڀلجي بہ ياد ناهن ايندا ۽ ڪي وري وسرندا ئي ناهن, دل تان لھندا ئي ناهن.
هونئن ياد تہ انهن کي ڪبو آهي جيڪي وسري ويندا آهن پر جيڪي هر گهڙي, هر پل ۽ ساھ ساھ ۾ سمايل هجن سي ڀلا دل تان ڪيئن لھندا؟
هن وڻجاريءَ جي دل مان هڪ آھَ نڪري ٿي جنھن جو آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي، هوءَ چئي ٿي؛
جيڪي پرين منھنجي دل تان ڪڏهن لٿا ئي ناهن. جن کي پل پل ۾ ۽ ساھ ساھ ۾ ساريندي رهان ٿي. شال اُهي بہ مون کي ايئين ئي ياد ڪندا هجن.
جن سان منھنجي دل جا, ساھ جا ۽ روح جا رشتا اندران اُڻيل, واڳيل, واڻيل, ڳنڍيل, سبيل ۽ سلهاڙيل آهن.
سي محبت جا نازڪ ۽ ڪومل جذبا پرينءَ سان سدائين جڙيل رهن.
No comments