Breaking News

لاڄُو ٿا لَوَنِ، اَچَنِ سِڙَه اُپَٽِيا

 

لاڄُو ٿا لَوَنِ، اَچَنِ سِڙَه اُپَٽِيا



لاڄُو ٿا لَوَنِ، اَچَنِ سِڙَه اُپَٽِيا

ڪارَڻِ تَنِ پِرِيَنَ، وَيٺِي واٽَ نھاريان 

سُرُ سامُونڊِي


:ڏکين لفظن جون معنائون 

لاڄُو = نوڙَ، رَسا

لَوَنِ = لَڏَنِ، ڦڙڪن، جُهولن 

سِڙَه = ٻيڙيءَ جَي کُوهَي ۾ ٻڌل وڏو ڪپڙو، جنھن جي کُلڻَ سان ٻيڙي تيز هلندي آهي.

اُپَٽِيا = کُليا، کوليا

ڪارَڻِ = لاءِ، خاطر، سبب

نھاريان = تڪيان


:بيت جو پس منظر

~ ٻيڙيءَ ۾ ٻڌل رسا لڏن پيا ۽ کُوهَي ۾ ٻڌل ڪپڙو بہ هوا ۾ ڦڙڪندي نظر پيو اچي.

~ انهن ئي پرين لاءِ تہ روز راهون تڪيندي آهيان.


:سمجهاڻي

اڳئين سال هن ئي مند ۾ وڻجارا هتي پيدا ٿيندڙ شيون ململ جو ڪپڙو، سوٽِي ڪپڙو، ڪپھ، ڪڻڪ، برٿ ڀريل گجَ، سُوسِيءَ جو ڪپڙو، کَيسَ، لويون، اجرڪ ۽ ٻئي سامان سان ٻيڙا ڀرائي، ٻاهرين ملڪن ڏانهن واپار ڪرڻ ويا هئا.

هاڻي جڏهن کين ٻارهن مهينا اچي ٿيا آهن.

مند ڦري آهي اتر جون هوائون پيون گُهلن تہ وڻجارن جي واپسي بہ شروع ٿي وئي آهي.

هيءَ وڻجاري جنھن جون اکيون گھري سمنڊ ڏانهن کتل آهن، تنھن پري کان ٻيڙي کي ايندي ڏسي ورتو آهي.

سندس چھري تي خوشيءَ جا آثار نمايان آهن، هوءَ گل جيان ٽڙي پئي آهي.

هٿ جي اشاري سان سرتين کي سڏي پئي چئي ؛ 

هو ڏسو مون پري کان سمنڊ اندر ٻيڙي جا رسا لڏندي ۽ کُوهي ۾ ٻڌل ڪپڙا ڦڙڪندي ڏٺا آهن.

جيتوڻيڪ کيس اها پڪ بہ ناهي تہ ان ٻيڙي ۾ سندس پرين موجود آهي الائي ڪونہ، پر پوءِ بہ هوءَ چئي پئي ؛ 

جنھن محبوب جون راهون روز تڪيندي آهيان سو پڪ اٿم تہ اجھو پھچڻ وارو آهي


No comments