Breaking News

اُڀيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون وَڻجَارَن جُون

 

اُڀيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون وَڻجَارَن جُون



اُڀيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون وَڻجَارَن جُون

آڻيَو اَکَا ڏِينِ، کَٿورِي سَمُونڊَ کي

سُرُ سَامُونڊي


:ڏکين لفظن جون معنائون 

اُڀيُون = ادب سان، عاجزيءَ سان بيٺيون 

تَڙَ = ڪنارا، لنگهہ، گهير - درياهه ۾ هيٺ لهڻ جون جايون

پُوڄين = ارپن، حوالي ڪن، مانُ ۽ مڃتا ڏين، ڀيٽا ڏين 

وَهُون = زالون، محبوبائون، حسينائون. 

وڻجارن = اهي واپاري يا سوداگر جيڪي سمنڊ يا درياھ ذريعي واپار ڪن ٿا.

اَکَا = چانور داڻا جيڪي هندو ڌرم جون زالون درياھ کي ارپين ٿيون. نوجوان ڇوڪريون ۽ محبوبائون وري مشڪ، عطر ۽ عنبير ارپينديون آهن. اَکا ڪڇ جي ٻولي آهي جنھن جي معنا آهي خيرات 

کٿُوري = خوشبووئون، مهڪارون،  هٻڪارون 


:بيت جو پس منظر

~ پرڏيھ ويل وڻجارن، واپارين جون زالون، محبوبائون ۽ حسينائون سمنڊ يا درياھ ڪناري بيھي دعائون گهرن ٿيون پوڄا پاٺ ڪن ٿيون تہ جيئن سندن ور، محبوب هو خير ۽ سلامتيءَ سان ڏيھ ورن.

~ هو مختلف قسم جي اناج جا داڻا، چانور، عطر، عنبير، خوشبوئون ۽ مھڪارون سمونڊ کي ڀيٽا ڪن ٿيون. 


:سمجهاڻي

ڀٽائي سيڪيولر، صوفي، دانشور ۽ عظيم شاعر آهي.

ڀٽائي ڪنھن مذهبي مت ڀيد ۽ فرق کانسواءِ انسانيت کي ئي عظيم سمجهي ٿو.

پرڏيھ ويل وڻجارن جڏهن اچڻ ۾ دير ڪئي آهي تہ سندن زالون ۽ محبوبائون گڏجي سمنڊ، درياھ کي پوڄڻ پھچي ويون آهن.

هو سندن خير سلامتيءَ سان واپسيءَ لاءِ دعائون به گهرن ٿيون ۽ پوڄا پاٺ بہ ڪن ٿيون. 

۽ ڀيٽا ڏين لاءِ داڻن، چانورن، عطر، مشڪ، عنبير، خوشبووئن، مهڪارن ۽ هٻڪارن جون ڀيٽائون پيش

ڪن ٿيون. 

No comments