Breaking News

کَارَي کَيڙائُو، مَٿَي مِٺَي موٽِيا


 کَارَي کَيڙائُو، مَٿَي مِٺَي موٽِيا


کَارَي کَيڙائُو، مَٿَي مِٺَي موٽِيا
 سَودَو ڪَنِ نہ سَونَ جَو، وَڏَا وِهَائُومَوتِي جَي مِھِراڻَ جَا، تَنِ جَا طَامَائُوسَامُونڊِي سَائُو، لَنڪَا لُوپَي آئِيَا
سُرُ سَامُونڊي


:ڏکين لفظن جون معنائون

کَارَي = کارو، لوڻاٺيو پاڻي - سمنڊ جو کارو پاڻي
کَيڙائُو = سمنڊ تي سفر ڪندڙ، سمنڊ جهاڳيندڙ، 
وِهائو = واپاري، وڻجارا
طاماعو = تاڪائو، طمع رکندڙ، گهرجائو 
سَائُو = شاهوڪار، آسودا، سکيا ستابا، بھادر 
لَنڪَا = سيلون، نئون نالو سريلنڪا - هندستان جي ڏکڻ ۾ هڪ مشهور ٻيٽ آهي. اڳئين دور جو وڏو واپاري مرڪز هئو خاص ڪري سون ۽ موتين جو واپار
لُوپَي = لٽي، ڦري، مات ڏئي

:بيت جو پس منظر

~ سمنڊ ذريعي واپار ڪندڙ سنڌ جا سوداگر سنڌو نديءَ ذريعي ڏيھ واپس آيا آهن.
~ تمام وڏا سوداگر جيڪي صرف سون جو واپار نٿا ڪن
~ پر مهراڻ جي موتين جا بہ گهرجائو آهن.
هي سامونڊي واپاري نھايت شاهوڪار ۽ بھادر آهن جو لنڪا جي واپارين کي مات ڏئي آيا آهن.

:سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي بيت گهڻ رُخو گهڻ پاسائون ۽ تاريخي آهي. ڀٽائي دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي واپارين کي وڏو واپاري ٿو سمجهي.
سنڌ جا واپاري دنيا جي وڏين وڏين واپاري منڊين سان واپار ڪن ٿا. هي نه رڳو سون پر هيرن، موتين، لعل جواهرن جو به واپار ڪن ٿا.
هي ايڏا ذهين، چالاڪ ۽ بھادر آهن جو ٻين ملڪن جي واپارين کي ڦريو، لٽيو ۽ مات ڏيو اچن. 
سنڌ جي تاريخ جيڪا بد قسمتيءَ سان اڃان تائين نہ لکي وئي آهي، ان لاءِ سنڌ جي عالمن، دانشورن، ڏاهن ۽ تاريخدانن تي مشتمل بورڊ جوڙيو ۽ سنڌ جي تاريخ ڀٽائيءَ جي رسالي منجهان ترتيب ڏئي لکو. 
پر افسوس آهي تہ سنڌ جا موجوده حڪمران شايد ان قابل ئي ناهن جو هو جيجل سنڌ لاءِ ڪو عملي قدم کڻن.
ته پوءِ هن سون جھڙي سنڌ جيڪا هينئر لاوارث ۽ ننڌڻڪي آهي ان جو ڪو والي وارث ٿيندو بہ الائي نہ ! ؟

No comments