سنهي لَڪِ نَڪَ سَئين, ڪَجَلَ ڀِنَنِ نَيڻَ
سنهي لَڪِ نَڪَ سَئين, ڪَجَلَ ڀِنَنِ نَيڻَ
سنهي لَڪِ نَڪَ سَئين, ڪَجَلَ ڀِنَنِ نَيڻَ
سامُونڊِي مون سَيڻَ، ڪِ تو ڪالَ لنگهائيا.
سر سامونڊي
:ڏکين لفظن جون معنائون
لَڪِ = چيلهہ
نَڪَ سَئين = سئين نڪ وارو, ڊگهي نڪ وارو
ڪَجَلَ ڀِنَنِ نَيڻَ = ڪارين, ڪجلين اکڙين وارو
سيڻَ = پرين, محبوب
ڪِ = ڪو، ڇا
ڪالَ = ڪالهہ
:بيت جو پس منظر
~ سنهي چيلهہ ڊگهي نڪ ۽ ڪارن اکڙين وارا
~ منھنجا سامونڊي سيڻ هتان ويندي توهان ڏٺا آهن ڇا؟
:سمجهاڻي
هڪ وڻجاري, واپاريءَ جي وني, پورهيت جي محبوبہ پنھنجي ورَ ,محبوب کي ڳوليندي ڳوليندي اچي بندر تي
پھتي آهي.
ملاحن کي پنھنجي پرينءَ جا پار هينئن پئي
ٻڌائي تہ؛
سنهڙي چيلهہ, سنهي ڊگهي نڪ ۽ ڪارين ڪجلين اکڙين وارو منھنجو محبوب هتان ويندي توهان تہ ناهي ڏٺو. توهان کيس ٻيڙيءَ ذريعي پار پھچايو آهي ڇا؟
دنيا جي عظيم مفڪر ۽ شاعر ڀٽائيءَ هن بيت ۾ فخر سان سنڌي ماڻهن جي سونھن سندرتا جسماني بناوت ۽ خوبصورتي بيان ڪئي آهي.
سنڌي ماڻهن جي چيلهہ سنهي ڊگهو نڪ ۽ اکيون ڪاريون
ڪجليون ٿينديون آهن.
سنڌي ماڻهون سڄي دنيا ۾ بي مثال ۽ سهڻا آهن
No comments