اَڱَڻ آئيَا جَان, تہ سَرتيُون مُون سُکَ ٿِئا
اَڱَڻ آئيَا جَان, تہ سَرتيُون مُون سُکَ ٿِئا
اَڱَڻ آئيَا جَان, تہ سَرتيُون مُون سُکَ ٿِئا
اَمُلَ پرينءَ مَٿَان, ٻُرڪيَو ٻيَنِ ڏِيان.
سُرُ سَامُونڊي
:ڏکين لفظن جون معنائون
اَڱَڻ = گهر جو آڳنڌ, ٿَلَهو
جَان = جيئن, جيئن ئي
سُکَ = راحت، آرام، آنند، ڪلياڻ، قرار
اَمُلَ = املهہ ماڻڪ, هيرا لال جواهر, بي بھا, لاثاني, جنھن جو ڪو مثال ئي نہ هجي.
پرين = محبوب
ٻُرِڪيو = گَهورَي, قربان ڪري, صدقو ڪري، نڇاور ڪيان
:بيت جو پس منظر
~ او سرتيون منھنجا محبوب اڱڻ آيا آهن سو مون لاءِ خوشيون موٽي آيون آهن.
~ پنھنجي بيمثل محبوب مٿان هيرا لال جواهر ۽ سر ساھ گهوري ڇڏيان.
:سمجهاڻي
اڳئين دور ۾ سنڌ وطن جا واپاري درياھ ۽ سمنڊ ذريعي هتي تيار ٿيندڙ مال جا ٻيڙا ۽ جهاز ڀرائي ٻاهرين ملڪن سان واپار ڪندا هئا.
وري اتان جون تيار ٿيندڙ شيون خريد ڪري پنھنجي ملڪ ۾ اچي وڪڻندا هئا.
سو واپسيءَ ۾ کين سالَ لڳي ويندا هئا.
هن بيت ۾ هڪ وڻجاريءَ جو محبوب پرڏيھ مان واپس موٽي آيو آهي سو ڪپڙن ۾ نہ ٿي ماپي. خوشيءَ ۾ جهمريون ٿي پائي ۽ جمالا ٿي ڳائي.
سندس دل تہ چئي ٿي هيرا موتي لال گلابن جون پتيون پيسا ۽ سر ساھ محبوب مٿان نڇاور ڪيان. هو سالن پڄاڻان جو اڱڻ آيو آهي.
No comments