Breaking News

جَا جَرَ جَاٽُون نَہ ڏِئي, ڏِيا نَہ مَوهَي

جَا جَرَ جَاٽُون نَہ ڏِئي, ڏِيا نَہ مَوهَي



 
جَا جَرَ جَاٽُون نَہ ڏِئي, ڏِيا نَہ مَوهَي
سَڌُون ڪَوھُ ڪَرَي , سَا پنھنجي ڪَانڌَ جُون.
سُرُ سَامُونڊي

:ڏکين لفظن جون معنائون 

جَرَ = پاڻي - هتي ٿيندو سمنڊ ۽ درياهه جو پاڻي

جَرِ = جل، آب، پاڻي 

جَاٽُون = ياترائون, زياترائون - جاٽ معني' زيارت جيڪو ياترا مان ورتو ويو آهي.

مَوهَي = ارپي,تاري, ٻارَي 

ڪَوھُ = ڇو , ڇا لاءِ، ڇا جي ڪري؟


:بيت جو پس منظر

~ جا عورت پنھنجي وَرَ يا محبوب لاءِ درياھ تي وڃي ياترائون نہ ٿي ڪري ۽ ڏيئا ٻاري پاڻيءَ کي نٿي ارپي.

~ سا وري پنھنجي ڪانڌ يا محبوب سان ملڻ جون ڪوڙيون سڌون ڪيئن ۽ ڇو ٿي ڪري ؟


:سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ اڳئين دور جي هڪ پراڻي روايت کي فوڪس ڪيو آهي.

آڳاٽي دؤر ۾ سنڌي عورتون پرڏيھ ويل پنھنجي ور ۽ محبوب جي سلامتيءَ سان واپسيءَ لاءِ  درياھ کي ڀيٽا پيش ڪنديون هيون. 

جنھن کي ياترائون يا زيارتون چئجي ٿو.

زالون ۽ نوجوان ناريون اٽي جا ڏيئا ٺاهي, سڪائي انهن ۾ تيل ڀري ٻارينديون هيون.

مڃتا ۽ باس طور درياھ بادشاھ جي حوالي ڪنديون هيون تہ جيئن سندن مڙس ۽ محبوب خير سلامتيءَ سان پرڏيھ مان واپس ڏيھ ورن.

اڄ جي دور ۾ پڻ سکائون ڏيڻ جو رواج موجود آهي.

ڀٽائي اسان کي درس ٿو ڏئي تہ سُتَي يا گهر ويٺي رڳو دانھون ڪرڻ سان محبوب ۽ منزلون ناهن ملنديون.

.محبوب ۽ منزلون تہ اهي ماڻيندا جيڪي لُڇندا ۽ لوچيندا

No comments